پير محمد شاهه فقير

پير محمد شاهه، فقير: سنڌ جي مشهور عالم، مبلغ پير محمد شاهه جو تعلق بدين جي سيد خاندان سان هو. هن سنڌ کي دين اسلام جي تبليغ سان منور ڪيو ۽ ڪافي غير مسلمن کي اسلام ۾ آندو. اُن وقت جي حاڪمن (انگريزن) جي ڪابه پرواهه نه ڪندي پيغام ڦهلائيندو رهيو. انگريز سرڪار خلاف جهاد ڪيائين، هن بزرگ تي انگريزن پاران گهڻو دٻاءُ وڌو ويو پر هي ڪڏهن به ظالم اڳيان نه جهڪيو. پير محمد شاهه فقير، برِصغير جي مسلمانن، سنڌ جي مسلمانن جي سياسي، سماجي و اقتصادي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. فقير پير محمد بدين جي درگاهه جو سجاده نشين ۽ لاڙ جو مشهور درويش هو. هي اڪثر ڏها ۽ چاليها ڪڍندو هو. فقير پير محمد، خدا رسيده ۽ عالم شخص هو. سنتِ رسول الله جي پيروي ڪندڙ هن بزرگ 22 مارچ 1900ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو